سائين ولايترام

سائين ولايترام: مشهور سنت سائين ولايترام جو جنم 1825ع ڌاري پراڻن هالن ۾، پرتاب راءِ ڪرڙي مل جي گھر ۾ ٿيو. پنجن ورهين جي عمر ۾ تعليم پرائڻ لاءِ هڪ مسلمان ماستر وٽ ڇڏيو ويو. هن سنڌي ۽ فارسيءَ جو ڪافي اڀياس ڪيو. تعليم پوري ٿيڻ بعد ڪجهه عرصو ميرن جي نوڪري ڪيائين. هي لاڙڪاڻي، سجاول ۽ ميروخان ۾ تپيدار ٿي رهيو. هڪ رات ولايترام خواب ۾ نانڪ ديو مهاراج جو درشن ڪيو، جنهن کانپوءِ سندس طبيعت ۽ لاڙن ۾ تبديلي اچي وئي. روحاني رمز هٿ ڪرڻ کانپوءِ سانت ۽ خاموشيءَ ۾ گذارڻ لڳو. رات جو مراقبي ۾ ويهندو هو.
سائين ولايت رام جا ڪيترائي چمتڪار مشهور آهن. زبان تي هميشه اوم جو ورد هوندو هئس. کيس ڇهه پٽ ٿيا.
سائين ولايترام، 15 جنوري 1887ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


لفظ سائين ولايترامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو